Wednesday 25 March 2015


    .وائي .
حب مان حبيبن هاڻ ، ڳالهه ٻڌائي حقي حق جي  .
سونهن جي پوڄا خوب ڪري وٺ ، ڪري سرت سڄاڻ  ،
       ساڃهه ڏني مو ن  سڪ سبق جي .
ٿرن  برن  ۾  ڀٽڪين  ڇو  ٿو  ، تنهنجو  پرين  توساڻ  ،
   پڪ  ئي آهي پرين جي پڪ جي .
ماپو کڻي تو ن ڇو پيو ماپين  ،  من جو ناهي ڪوئي ماڻ  ،
   ڏوريءَ  ڏاڍي  نينهن  نازڪ  جي  .
هانوَ  هاري  ڇو و يٺو آهين  ،  توڪل جو تون  ترهو تاڻ  ،
        پرواهه ڪر نه  دهشت  ڌڪ جي  .
پيرو ن پڪا هن هيل ته واهه جا ، کامي من جي کاڻ  ،
               جهولي ڀري ڏي مونکي مڪ جي .
“مشڪور” سچ جو ساٿي تو ن ٿي ، چاڙهي سو چ  سِراڻ  ،
         ڪوڙ  ته  ذائقو  پاڙ  اڪ  جي  .  
***


. وائي .
خود ۾ آهين خود خدا ، جاني ناهي توکان جدا ،
                            موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن .
تو ن ئي ٺاهين تو ن ئي ڊاهين  ،  تو ن ئي من جي آهين مدعا ،
                 موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن  .           
     تو ن ئي او ڍ ين  تو ن ئي  پائين  ،  سو ين ڪرين سينگار سدا  ،
     موڪرو پنهنجي  من کي ڪر تو ن  .
تو ن ڏاتار ۽   تو ن ئي  پنين ٿو  ، تو ن ئي آهين   شاهه گدا ،
       موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن  .
تو ن ئي ڌڪار ين تو ن ئي چاهين ، تو ن ئي سو نهن تي پاڻ فدا ،
                   موڪرو پنهنجي من کي ڪر تون . 
تو ن ئي“مشڪور” تو ن ئي عاشق ، تو ن ئي سونهن جو ناز  و  ادا ،
                    موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن .
***






.ڪافي .
درد جي ديوان مان ، دستور نئون ڳولي اچو ،
  چاهه کان وڌ ساهه لئه نه سور ، ٻيو ڳولي اچو .  
        اي وفائون ساٿ ڏيو ، انياءُ سان نبري وٺو ن .          
                    يا سهڻ لئه هاڻ ڪو ، مهجور ٻيو ڳولي اچو .                          
                        مو ن پکيڙي روشني آ، رات ڪاري جي خلاف ،                         
                         ڪجهه اوندهه آهي باقي ، نُور ٻيو ڳولي اچو.                              
                             بدصورتي جا بت جا ٽوڙي ، سونهن کي سجدا ڪيم.                                   
        مو ن جهڙو ڪو ڪٿان ، منصور ٻيو ڳولي اچو .                    
                    قلم پيو اتهاس جو ، ڪردار جا ڪتبا لکي .                        
                  تار يخ سنڌ کان مٿي ، مغرور ٻيو ڳولي اچو.                    
                ڇڏيا لڪائي لڙڪ ٿم ، ساٿي متان مايوس ٿين ،                         
                         نه ته مو ن جهڙو ڪو ڪٿان ، منصور ٻيو ڳولي اچو.                             
   اي سڄڻ ڪا هاڻ مو ن سان ، ويساهه گهاتي نه ڪيو ،                                                                 
         يا وري اي مئه ڪشو !، مخمور ٻيو ڳولي اچو .                      
                  اي باوفا ۽ بي وفا ، ڪجهه هاڻي ويهي سوچيو ،                           
                          “مشڪور” کي جي ٿا ڌڪيو ، مشڪور ٻيو ڳولي اچو .   

.ڪافي        
زنجير ِمحبت  ، حسن  جو ن  ادائو ن ،
ڪندو عشق آهي ، سدائين دعائو ن .
ميارو ن سڄڻ کي ، ڏبيو ن ڪين آهن،
 ٿڌو ساهه کڻ  تون ، نه ڀر ڪي تو ن آهو ن .  
پرين کي اچڻ جا ، حڪم پيو ڪرين ڇو ،
اکين ساڻ سهه تو ن ، جانيءَ  جو ن جفائو ن .
زهر  زندگيءَ  جو  به ، آ  پيئڻو   اڳو  پو ءَ ،
ڪرين ڇو ته پنهنجو ن پيو ، زخمي وفائو ن .
متان ٿئين تون غافل ، پوڄي وٺ پرين کي ،
ڪندو   موت   آهي  ،  اچانڪ   هلائو ن. . 
ڪيڏي رات “مشڪور” ڀيانڪ ٿي و يئي ،
اٿو   ڏيئا  ٻاريو ن  ،  اچن  پيو ن  صدائو ن .

Tuesday 16 December 2014

سنڌ جي پهرئين سوشلسٽ صوفي شاه عنايت شهيد رح

صوفي شاهه عنايت الله شهيد سن 1065هه ۾ ميران پور (جهوڪ شريف) لڳ پيدا ٿيو، انهيءَ زماني جي سنڌ جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون غير متوازن هيون. جنهن سبب افلاس، غربت، تنگ دستي ۽ بدحالي انتها تي پهچي چڪي هئي ڪنهن به مظلوم ۽ مجبور جي داد فرياد ڪون ٿي ٻڌي، جاگيردارن، پيرن، وڏيرن جو ظلم ۽ ڏاڍ انتها تي پهتل هو، حق گهرڻ ۽ حق چوڻ وڏو ڏوهه شمار ڪيو ويندو هو، انهيءَ زماني ۾ رياست توڙي معاشري ۾ ڪي به اخلاقي قدر موجود نه هئا، ڌاڙيل چور ۽ لٽيرا حڪمران. نواب، خانبهادر، امير وزير ۽ مشير بڻجندا رهيا.
                         صوفي شاهه عنايت رح ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي اکين سان عوامي استحصال ظلم ۽ زادتين ڀريا خوني ناٽڪ ڏسندو رهيو، انهيءَ دوارن کيس پنهنجي ڏکويل عوام کي عذابن مان نجات ڏيارڻ جي پيڙا پيدا ٿي. هن انهيءَ ڏاڍ ڀري نظام کي هڪ منصوبي تحت تبديل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ انهيءَ صورتحال جو عمي مشاهدو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد دکن ( بيجاپور) جي مشهور عالم ۽ بزرگ عبدالمالڪ رحمت الله وٽ علم حاصل ڪيائون ۽ تصوف جو طريقو اختيار ڪيائين. تعليم سان گڏوگڏ کيس مرڪزي حڪومت جي ڪارگذارين ڏسڻ پرکڻ جو موقعو مليو ۽ کيس ڄاڻ ٿي ته ڪهڙي ريت مرڪزي حڪومت جا ڪارندا عوام جي رت ست تي عياشيون ڪري لٽ مار ڪن ٿا ۽ ڪهڙي ريت ڏاڍ ۽ دهشت جي آڌار تي استحصالي نظام لاڳو ڪن ٿا ۽ ڪهي ترڪيبن ۽ تدبيرن ذريعي سنڌ کي غلامي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪين ٿا.
سنڌ جي ڏکي حالت ڏسي جلد ئي پنهنجي استاد مخدوم عبدالمالڪ کان موڪلائي سنڌ موٽي آيو ۽ عبادت الاهي سان گڏوگڏ خدمت الناس جو سلسلو جاري رکيائين. انهيءَ زماني ۾ سنڌ اندر هارين ۽ زميندارن وچ ڪي به قانوني تقاضائون حدون ۽ ضابطه مقرر نه هئا. هر ڏاڍو گابو هوندو هو. ڪي به انساني قانون اصول ۽ قائدا رائج نه هئا ظالم، جابر زميندار پوک (فصل) جا ٻئي حصا ڏاڍ ۽ دهشت جي زور تي کڻائي ويندا هئا ۽ هارين جي حصي ۾ ڪجهه نه بچندو هو، سنڌ کان ٻاهر رهي صوفي شاهه عنايت رح طبقاتي ڦر لٽ، جاگيردارن جي قهري ڪاررواين، ڪشت، خون تباهين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو هو، ڪيترائي خوني داستان درد ناڪ قصا ۽ ڪهاڻيون مظلومن جي واتان ٻڌي چڪو هو بي انصافي ۽ انسان ذات جي مظلوميت ۽ معصوميت جو احساس انهيءَ وقت به سندس فڪر ۽ ذهن تي نقش هو ويتر سنڌ اچي اهڙو غير متوازي نظام ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.
صوفي شاهه عنايت الله شهيد پهريون جرئتمند ۽ حق گو مرد مجاهد هو جنهن انهيءَ معاشي جبر ۽ استحصال مان مسڪين هارين کي ڪڍڻ لاءِ انقلابي نظام متعارف ڪرايو، جيڪو مظلومن جي خوشحالي ۽ آزادي جو مظهر ثابت ٿيو، صوفي شاهه عنايت رح انقلابي نظام جي پر چار ڪندي پنهنجي اباڻي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت قرار ڏئي هڪ اهڙي سماج جو بنياد رکيو ۽ انهيءَ کي عملي طور هلائڻ جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پيداوار ۽ آمدني تي سڀني جو برابر حق قائم ٿيو، سندن مريدن ۽ پاڙيسرين هارين گڏجي انهيءَ نظام کي بيحد سگهارو بڻايو. اهو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ آهستي آهستي انهيءَ نظام ۾ شموليت ڪندڙ ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي وئي جنهن سبب آس پاس جا ڪڙمي، ڪاسبي، هاري، ناري، اوديجا، لوڊا، ناڏهه، پڙهياڙ، پنهور، ڪولهي، ڀيل ۽ ٻيا ڪيترائي راڄ گڏجي ويا ۽ جاگيردارن، زميندارن جون زمينون ڇڏي جهوڪ جي گڏيل اقتصادي نظام هيٺ گڏ ٿيا. صوفي شاهه عنايت رح انهن مظلوم هارين نارين وچان اوچ نيچ جا سڀ فرق ختم ڪري سڀني کي مساوات رواداري ۽ اسلامي اصولن موجب آزادي جو شعور ڏنو جنهن سبب رياستي فرعون مثل جاگيردارن جن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، ڏاڍ، دهشت ۽ بدمعاشي جي آڌار تي جيڪ ڪاڪ محل جوڙيا هئا. سي سڀ ڊهندي ٿي نظر آيا، حڪومت جي سرپرستي ۾ شاهي خرچن تي پلجندڙ لالچي ۽ مڪار وڏيرن لاءِ اها ڌرتي سوڙهي ٿي چڪي هئي انهن پاڙيسري جاگيردارن، پيرن، وڏيرن ۽ هم خيالن کان سواءِ ڌارين مغلن ميرن ۽ گاسليٽي مُلن کي صوفي شاهه عنايت جي پروگرام کان واقف ڪيو ته هو ڪهڙي نموني هڪ نئين گڏيل رياست قائم ڪيو ويٺو آهي. ۽ ڪمين ڪاسبين کي ان نظريي تحت ڀائيچاري جي تعليم ويٺو ڏي جنهن سبب سندس فڪر مان ماڻهو متاثر ٿي جهوڪ جي گڏيل اقتصادي نظام هيٺ جمع ٿيڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ماڻهن جي وڏي اڪثريت اسان کان باغي ٿي چڪي آهي. انهن سڀني قوتن گڏجي صوفي شاهه عنايت رح جي قوت ۽ نظرئي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿي مختلف سازشون سٽيون. پهرين مرڪزي حڪومت کي انهن جي سرڪوبي لاءِ اپيل ڪيائون پوءِ ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان ذريعي مرڪزي اميري وزيرن جا ڪن ڀريائون ۽ اهو تاثر ويهاريائون ته صوفي شاهه عنايت بادشاهه فرخ سير خلاف مڪمل بغاوت ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن جو مغل سلطنت خلاف جنگ جوٽي سنڌ آزاد ڪرائي پاڻ ان جو خودمختيار حڪمران بڻجڻ چاهي ٿو. افسوس جو انهيءَ دؤر ۾ مغل سلطنت زوال پذير هئي. اورنگزيب عالمگير 1118هه ۾ وفات ڪي ويو هو پٺيان نا اهل شهزادن جو هڪ وڏو تعداد ڇڏي ويو. جيڪا درندگي وحشت ۽ عقوبت جي روايت تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ هن پيءُ کي قيد ڪري قائم ڪئي ۽ برادر ڪشي جو اهو دردناڪ لڱ ڪانڊاريندڙ دؤر هليو ۽ اها عظيم الشان سلطنت ٽڪر ٽڪر ٿي وئي. 1120هه ۾ بادشاهه فرخ سير تخت تي ويٺو سندس دؤر ۾ حالتون انتهائي خراب هيون مرڪزي حڪومت ڏينهون ڏينهن غير مستحڪم ٿيندي وئي ۽ اقتصادي حالتون ڊانواڊول هيون. شاهي خزانو خالي هيو بد انتظامي ڏڪار سڃائي وڌي وئي هئي، بادشاهه به ذهني مونجهاري جو شڪار ۽ ڪنن جو ڪچو هو بادشاهه جي انهن ڪمزورين جو مخالفن اعظم خان ۽ ٻين پورو پورو فائدو وٺندي صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ جنگ جوٽڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتو. سڄي سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن ميرن، پيرن ۽ آس پاس جي وطن فروش غدارن، جتن، پليجن ۽ موقعي پرست دلالن جا ڪٽڪ صوبيدار اعظم خان جي ڪمان هيٺ ڪاهه ڪري جهوڪ مٿان ڪڙڪيا، شهر ۾ لٽ مار قتل غار تگري ڪندي اڳيان وڌيا. اهڙي وقت ۾ صوفي شاهه عنايت رح ۽ سندس ساٿين ڌرتي جي بقا ۽ پنهنجي ازم کي بچائڻ خاطر ميدان ۾ لهي آيا ۽ ڏاڍي دليري سان سينا تاڻي وڙهندا رهيا. سندن حوصلا ۽ جسم جوان هئا جن پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي لشڪر ۽ جنگي سازو سامان رکندڙن کي مات ڏني.
جنگ ڪابه فيصلا ڪن راهه اختيار نه ڪئي ۽ مخالفن دوکي ۽ دغا ذريعي صوفي شاهه عنايت رح کي سندس سنڊو (هم زلف) کي قرآن شريف ۽ اڇا جهنڊا ( امن جي نشاني) ڏيئي صلح لاءِ موڪليو ۽ صوفي شاهه عنايت کي مذاڪرات لاءِ پنهنجي خيمي ۾ گهرايائون.
صوفي شاهه عنايت رح جي دل ۾ ڪو به فتنو ۽ سازش نه هئي تنهن ڪري هو بنا ڪنهن ڊپ ۽ شڪ شبهي جي اعظم خان وٽ هليو ويو. اتي پهچندي ئي صوفي شاهه عنايت رح کي قيد ڪري زندان ۾ وڌو ويو ۽ ٻئي طرف جهوڪ شريف تي ڪڙو چاڙهي هارين نارين جا گهر گهاٽ جهوپڙيون ۽ صوفي شاهه عنايت جي حويلي ۽ ڪوٽ ساڙي پوري آبادي کي تهس نهس ڪري ڇڏيائون انهيءَ سفاڪا نه قتل ۽ غارتگري بعد صوفي شاهه عنايت رح کي 16 صفر 1130هه بمطابق 8 جنوري 1718ع شام جو ٺٽي ۾ جلاد هٿان شهيد ڪرايو ويو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته صوفي شاهه عنايت رح قتل ڪرائڻ لاءِ قرآن شريف جو استعمال ڪيو ويو ۽ جنهن شخص مير شهداد خان کي امن جو سفير بڻائي موڪليو اهو صوفي شاهه عنايت رح جو سنڊو (هم زلف) هو
مون پڪ سڃاتا ڪي پنهنجا به هئا-ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي- ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾
صوفي شاهه عنايت رح جو نظريو امن اتحاد، ڀائيچاري ۽ خوشحالي هو هن پنهنجي گڏيل اقتصادي نظام تحت طبقاتي جبر ۽ ڦر لٽ جو خاتمو آني غربت زده ۽ مسڪين حال پورهيتن هارين جي حالت سنوارڻ ٿي چاهي هن چاهيو ٿي ته جيڪي هاري جاگيرداراڻي نظام هيٺ ظلم ۽ عتاب سهندي ڏڪار ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيو آهي اهو هن نئين نظام تحت خوشحالي ۽ عزت ڀري زندگي گذاري سگهي، غير متوازن معاشي نظام جو خاتمو اچي ۽ انسانن جسم روح ذهن ۽ فڪر آزاد ٿين ۽ سماجي براين ۽ اخلاقي ڌٻڻ مان نڪري شرافت جي عزت ڀري زندگي گذارين. جنهن جو درس اسان  جي پياري نبي ڪريم صلعم ڏنو آهي. اهو نظريو ۽ پيغام خدا جي رسول ۽ دين اسلام جي تعليمات جو حصو هو پر افسوس جو پنهنجي ديس واسين به ڌارين جو ساٿ ڏيئي انهيءَ عظيم الشان نظام کي ختم ڪرايو، جنهن سبب سنڌ جون حالتون اڄ ڏينهن تائين سڌري نه سگهيون آهن. سنڌ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه کان هزارين سال پٺتي هٽي وئي جنهن سبب ڌارين هن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ڪڏهن نادر شاهه ته ڪڏهن مدد خان پٺاڻ ڪاهه ڪري هتي جي زرخيزيت ۽ حسن کي تاراج ڪيو. اهو انهن بيگناهه مظلومن شهيدن جي لال لهو جو ڏن آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين ادا ڪندا پيا اچون.
ڪي مرن ٿا مردن وانگر- ڪي جيئن ٿا مُردن وانگر
سچ جو ڳاٽ اوچو رهندو- ڪارونجهر جي گردن وانگر.

Saturday 10 May 2014

DAHAP JA DAS Lectures & Sindhu Harfi

DAHAP JA DAS  Lectures Radio Voice of Sindh


Lecture  01
Lecture 02
Lecture-3
 Lecture-04
Lecture 05
Lecture 06
Lecture-07
Lecture 08
Lecture 09
lecture 10
Lecture 11
 Lecture 12
Lecture 13 
Lecture 14
 Lecture 15
Lecture 16
Lecture 17
lecture-18
lecture-19
lecture-20
Lecture-21 
Lecture-22 
Lecture-23 
Lecture-24 
lecture-25 


Mashkoor Phakaro Speeches  different Programs 

SPO ( HANDS) TMKHAN 

G M SYED

SUFI SHAH INAYAT

SORIAH BADSHAH

پشاور سانحو 

گيان ڇنداني  

مخدوم بلاول ۽ سائين جي ايم سيد 

 ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائينس جو مهورت







_______________________________________________________________________________________

Sindho Harfi
.الف .
اول   آخر   الله   ، خالق   ساري   خلق  جو ،
وجهي جنهن پساه ، مَرڪائيو  مٽي  کي .
*
اول  آخر   الله  ،  ساڻي      آهي  سچ  جو ،
مڃي  هي صلاح ، پاسو ڪجانءِ ڪوڙ کان.
*
اول  آخر صلاح  ،منهنجي تو کي مڱڻا  ،
صدا  در  الله  ، هڻ  ته  حاجت ماڻئين  .
*
اول  آخر  آه  ، جيئڻ  مرڻ سنڌ سان  ،
پنهنجو  آ پساه  ، موهن جي مٽي ۾ .
*

اول  آخر سنڌ  ،  پنهنجو  اجهو  آسرو ،
متان ٻئي  هنڌ  ،  وڃڻ  جي وائي ڪرين.
*
اول  آخر  هاڻ  ،جيئڻ  مرڻ سنڌ سان  ،
پنهنجي آه سڃاڻ  ، موهن جي مٽي ۾ .
*
اول  آخر ست  .  آهي  سچ  سنڌ  جو  ،
سدا وڃائي  مت  ، پير وِ ي پرڏيهه جي.
*
 اول   آخر   هٿ    ، آهن   پارس   ماڻهو   لئه  ،
بنان  پورهئي  ڪٿ  ، ڪڏهن ڪجي ڪينڪي.
*
اول  آخر   جيئن  ،  ڳنڍ يل  آهن   پاڻ   ۾  ،
تيئن توسان نينهن ، سدا رهندو ساهه تائين.
*
اول  آخر  “مشڪور” ، سدا   ٿي   سنڌ   جو  ،
ته پو يئي چمڪي نُور ماڻهو جي ماڻهپي جو.

..ب.
بارود   ۽   بم  کان  ،  آهي   سگهاري   ڏات  ،
سدائين حيات  ، مات  ڏني آهي موت کي.
*
بارود   ۽   بم   ، آهي  چيڀاٽي   ڏات   ،
سدائين  حيات ، ويري آهي  وجود جي ،
*
بارود   ۽   بم  ،  ڏيندا  ناهن   آجپو  ،
عقل  مت  فهم ، ٽيئي سڙن جنگ ۾.
*
بارود  ۽  ائٽم  سان  ،  ٿيندي مست ممات  ،
ڇا لئه  اڄ  حيات  ،  ويري  آهي  وجود جي .
*
بارود   ۽  ائٽم  کان  ،سگهو  آهي شعور  ،
علم  سندي  نُو ر  ، مَرڪايو ماڻهپي کي .
*

بارود    ۽    بم   مٿان   ، ويٺو  آهي  آدم  ،
ڇو   وڃائيو   فهم  ، ماڻهو  سندي ماڻهپي
 .*
بارود  ۽  بم  سان  ،  نه   ڌرتيءَ  ڪر  تباهه  ،
انڌپ  جي  اونڌاهه  ،  وڃائيندئي وجود کي.
*
بم   بندوقون   بڻڇيون   ، ائٽم   ۽    تلوار  ،
ڪر سڀيئي  هٿيار ، تابع  سرت ۽ سوچ جي.
*
بم  ٻڌي  پيٽ   سان  ، مارين   پيو   انسان ،
وڃائي  ايمان  ،  ڳالهيون  ڪرين دين جون.
*
بم  ٻڌي  پيٽ   سان   ،  مارين  پنهنجو   پاڻ  ،
وڃائي   سڃاڻ  ،  ڳالهيون   ڪرين  دين جون .
*


.ٻ .
ٻاريو  ڏيئا  علم  جا ، ٽٽي چُپ  چپات ،
ماٺ  جي ممات ، تڙي  ڪڍون ڏيهه مان.
*
ٻاريو   ڏيئا   علم  جا ، ڀڄايون  اونداهه ،
جهل  منجهائيو  ساهه ، آهي  آدمي  جو .
*
ٻاريو   ڏيئا  علم  جا ،چمڪي  پئي  چانڊاڻ ،
ماٺ  جو  مانڊاڻ ، ٽٽي  ساري   ڏيهه   تان .
*
ٻاريو    ڏيئا   علم   جا ، اڀري   پئي  سج ،
ٻيائي  جو  ٻج ، ڪڏهن  ڦٽي  ڪينڪي .
*
ٻاريو  ڏيئا  علم  جا ، جرڪي پئي  حيات ،
انساني  عادات ، نروار   ٿئي   نُور   سان .
*

ٻاريو   ڏيئا  علم  جا ،  سگهو  ٿئي  ضمير ،
انساني  خمير  ،مَرڪِي  ماڻي  ماڻهپو .
*
ٻاريو   ڏيئا   علم   جا ،    تڙيون    جهالت ،
بدلجي  ڪا  حالت ،  پنهنجي  سنڌي  قوم  جي .
*
ٻاريو   ڏيئا  علم  جا  ، سرڄي  ڪا  سا ڃاهه ،
وڃي    ٿِي   واهه    واهه ،  سنڌ    لئه    سنسار    ۾  .
*
ٻاريو     ڏيئا    علم    جا  ،  سگهو    ٿئي    سچ  ،
ڪوڙ    ڪُپت  ڪچ  ،نڪري   ساري  سنڌ  مان .
*
ٻاريو    ڏيئا   علم   جا  ،  پيدا   ٿئي   شعور  ،
ماٺ جو “مشڪور“ ، ٽري   ڏولائو   ڏيهه   تان .
*

.
.ڀ.
ڀرم   رکجانءِ   ڀان ، موهن  جي  مٽي  جو ،
ڌرتي  جو  ايمان ،  اڃان  آهي  سنڌ  ۾  .
*
ڀري  ڀان  وڄاءِ   ، ڪڍ  پنهنجو  ڪينرو   ،
سنڌوءَ   جو  سوداءِ  ،جاڳي  پوي  ڏيهه   ۾   .
*
ڀري   وڄائي  ڀان  ، ڪڍ پنهنجو  ڪينرو  ،
اندر  جو  انسان  ، جاڳي  پنهنجي  سنڌ  ۾  .
*
ڀري   تند   ڇِڪ  ،  ڪڍ  پنهنجو   ڪينرو  ،
ها ڻي  ڪهڙي   لِڪ  ،  سنڌوءَ  ساهه  مُٺ  ۾ .
*
ڀري   ڀيرو   ڳاءُ   ،   ڪڍ   پنهنجو     ڪينرو   ،
ڌرتي  پنهنجي  ماءُ  ، سينگار يون سُرن سان .
*

ڀري  ڳا ءِ  ڀيرو  ،  اُ ٿي  اسر  ويل  جو   ،
ساجهر  سويرو   ، صدا  هڻ  سِر  جِي  .
*
 ڀيرو  اسر  ويل جو ، چار ڻ  تون جهونگار  ،
ته  لاهي  سِر  ڏاتار  ،  اچِي  تو   ادا   ڪري  .
*
ڀيرو   ڳاءِ  ڀرم   ، رک  پنهنجي  ڏات جو  ،
مهلائِتو  مرهم   ، مک  ته  مانائِتو  ٿئين  .
*
ڀيرو  راڳ  صدا  ، اصل  مڱڻهار   جي  ،
ڏِياچ  سِر   ادا  ، ڪندو   اِنهي   سُر  تي  .
*
ڀري    ڀيرو   راڳ  ،   اُٿِي    ڳا ءِ    اسر   جو   ،
سُتل ڪر  سُجاڳ ، مهلائتا“مشڪور” چئي .
*
  

.ت .
تڻڪي  تند  وڄاءِ  ،  جاڳن ڏياچ  ڏيهه   جا  ،
ٻيهر   وري   ڳاءِ  ،   ڀيرو   سُر   هن   ڀُونءَ  تي   .
*
تڻڪي   تندون   ڇِڪ   ،ڪڍي تون  ڪماچ   کي  ،
ته    وري    سارا    هِڪ   ،   ٿين   ڏياچ    ڏيهه     جا     .
*
تندن   تڻڪ   ڏيئي   ،  سُرندي  کي  سور  تون   ،
ته   سورٺون   سڀيئي   ،  گهورين   ڏياچ  ڏيهه   جا .
*
تڻڪي   وڄاءِ   تند   ،  ڪڍ  تون  ڪُماچ  کي  .
مهڪي   ڪا   سڳند   ،  سچائي  جي  سنڌ  ۾ .
*
تڻڪ   تندون  ڪُماچ  جون  ، متان  سُر ٿئي جهانجهو ،
سنڌوءَ    جر   ڪانجهو  ،  ڪڏهن   ٿيو    ڪينڪي  .
*

تڻڪي  تندون   سور  ،  سُر وِکيڙ   سنڌ   ۾،
ته   ٿئي   سِرن   گھور  ،   مَهلائتئ     مڱڻا .
*
تڻڪي  تند  ڪماچ  جي ، چارڻ !  چور  چنگ  ،
ڌرتيءَ   سندا   دنگ   ،  واپس    وٺون     ويريين   .
*
تڻڪ   تند   ڪُماچ   جي   ،  آهي   ماٺ   ممات    ،
ظاهر  ڪر   تون   ذات   ،  سمجهي  معنيٰ  من جي  .
*
تڻڪ   تند  ڪُماچ   جي  ،  سُرن  ڪر  سجود   ،
زنده  رک  وجود   ،   تاريخ    ۾     تون       مـڱڻا .
*
تڻڪي   تند   ڪُماچ   جي  ،  پکيڙج  تون   نُور    ،
سدائين  “مشڪور”  ،  جيئرو   رک  وجود   کي  .
*


.ٿ .
ٿر    ٿيندي     سنڌڙي    ،   سُڪو     جي    مِهراڻ   ،
مون  سان    هاڻ  ، ڳالهه  نه  ڪر  ڪنهن ڊئم  جي  .
*
ٿر   ٿيندي    سنڌڙي   ،  نه   اڏجانءِ  ڪارو  ڊئم  ،
کيڏ  نه  سياسِي  گيم  ،سنڌوءَ  کي  سُڪائڻ  لئه  .
*
ٿر   ٿيندي   سنڌڙي   ، نه  اڏجانءِ  ٻيو  ڪو  ڊئم  ،
اهڙي   سياسي  گيم   ، گهٽي  ساهه  سنڌوءَ جو   .
*
ٿر   ڪر   نه   سنڌڙي   ،  نه   ته   ٿيندي    رتوڇاڻ   ،
وڏي   جنگ  جنگاڻ  ،  پنهنجي  ٿيندي  پاڻي تي  .
*
ٿر   ڪر  نه   سنڌڙي   ،  گهُٽ  نه   سنڌوءَ   ساهه   ،
پاڻي   منجهه   پساهه  ، آهي   سارِي   سُونهن  جو   .
*

ٿر  ڪرين  ٿو  سنڌڙِي   ، ڪارڻ   ڪُرسيءَ   ڀاءَ  ،
وڪڻين  پيو  ويساهه  ، رڳو   پنهنجي   پيٽ   لئه  .
*
ٿر  ڪر  نه  سنڌڙي  ،  سنڌوءَ   ڪر   نه   سوڪ  ،
   ٿيندو  جهيڙو  جهوڪ  ،  پنهنجو  هاڻ   پاڻي  تي  .
*
ٿر    جهڙي     سنڌ   ،  جي    ڀانئين   نه   ٿئي   ،
آجي  ڪر  تون جند ، ڊئمن مان سنڌوءَ جي  .
*
ٿر  جهڙي   سنڌ  ،  ڀانئين    نه    ٿئي    مُور  ،
کڻي  تون  چنجُور  ، سارا  ڊئم  ڊاهي ڇڏ .
*
ٿر    جهڙي     سنڌ   ،  شال !   نه    ٿئي    هاڻ   ،
“مشڪور” چئي مهراڻ  ، وهي  سدا  موج سان .
*

.ٽ .
ٽمڪن  ڏيئا  ڏات  جا  ،  جرڪيءَ  پئي  جُوءَ   ،
هر  ڪو  ڏسي   رُوءَ   ،  سچائي  ۽  سونهن  جي  .
*
ٽمڪن   ڏيئا   ڏات   جا  ،   جرڪيءَ  پئي   رات  ،
ماٺ     جي    ممات   ،  ٽري    شال !   سنڌ     مان    .
*
ٽمڪن    ڏيئا   ڏات    جا  ،   مِڙن    شال !   پتنگ   ،
ڌرتيءَ   سندا   دنگ    ، ڪريون   آجا  ويرين کان .
*
ٽمڪن   ڏيئا    ڏات   جا  ،  تڙي     ڪڍون   رات  ، 
ماٺ   جي   ممات  ،  زنگي   پئي   ضمير   کي  .
*
ٽمڪن   ڏيئا   ڏات  جا  ،  مچي  هر    مِياڻي  ،
سدا   سنڌ    راڻيءَ  ،   پائي   وڳا    پَٽ    جا  .
*

ٽمڪن   ڏيئا  ڏات   جا  ،  ڀونءَ جا  کُلن  ڀاڳ  ،
وري    ماڻي   ماڳ  ،   ماڻهو   سندو   ماڻهپو  .
*
ٽمڪن   ڏيئا   ڏات  جا  ،  جاڳيءَ  پئي ڪا  جاڳ ،
لهي  ڏُرت   ڏُهاڳ  ،  مُرڪون  موٽن  سنڌ   جون  .
*
ٽمڪن  ڏيئا   ڏات   جا  ،  اچي سُرت  فهم  ،
ويٺل   مٿان    بم  ،  آ  ماڻهو  سندو    ماڻهپو  .
*
ٽمڪن   ڏيئا   ڏات   جا  ،  ته  سنڌ  ٿئي  سونَ  ،
ڪڏهن  ٻُڌجي  ڪونه  ،  ڏولائو  هن   ڏيهه  ۾  .
*
ٽمڪن     ڏيئا     ڏات     جا    ،    اچي     عِلم      شعُور   ،
موٽن  شال ! “مشڪور” ، مُرڪون  منهنجي سنڌ  جون .
*


.ٺ .
ٺلها   ٺاهه   ٺڳيءَ   جا  ، گهڙي    ڪئين   گهاٽ  ،
ڪئي   ٻڪر  ٻُوساٽ   ،  سامراجين  سنڌ   ۾  .
*
ٺلها   ٺاهه   ٺڳيءَ  جا  ، مُنجهائي  ڪئين   ماڻهو   ،
گهمايو    پوءِ     گهاڻو   ،   سامراجين     سنڌ    ۾    .
*
ٺلها    ٺاهه    ٺڳيءَ     جا   ،    ساڻ      نالي     دين   ،
ماريا   ڪئين   مسڪين   ،  سامراجين   سنڌ ۾ .
*
ٺلها    ٺاهه      ٺڳيءَ     جا    ،   انڌپ     ۽      اونداهه     ،
گهٽيو    سُرت     ساهه    ،  سامراجين     سنڌ     ۾     .
*
ٺلها     ٺاهه      ٺڳيءَ      جا   ،  منهن     ۾     مسلمان    ،
اندر  منجهه   شيطان   ،  پنجُوءَ   پنهنجي  پيٽ  لئه .  
*

ٺلها    ٺاهه     ٺڳيءَ    جا  ،  وڪڻي    پيو    ايمان   ،
ڪيڏو  آ  حيوان   ،  پنجُوءَ    پنهنجي  پيٽ  لئه .
*
ٺلها    ٺاهه     ٺڳيءَ     جا   ،  کڻي    پيو    قرآن  ،
اندر   ۾  نه   انسان  ، پنجُوءَ   پنهجي   پيٽ  لئه  .
*
ٺلها     ٺاهه      ٺڳيءَ     جا    ،  نڪو     پيء    نه     ماءُ   ،
ڪنهنجو  ڪونهي  ڀاءَ  ، پنجُوءَ  پنهنجي  پيٽ لئه .
*
ٺلها    ٺاهه     ٺڳيءَ     جا   ،   واپاري       خمير  ،
وڪڻي  پيو  ضمير ، پنجُوءَ  پنهنجي  پيٽ  لئه .
*
ٺلها     ٺاهه     ٺڳيءَ      جا  ،       شيطاني      شعور  ،
رڳو  آهي “مشڪور” ،  پنجُوءَ  پنهنجي  پيٽ  لئه  .
*


. ث .
ثواب    ۽     گناهه   ،  منجهائيو     ماڻهپو   ،
مُٺ   ۾  آهي  ساهه  ،  ازل  کان   آدمي جو  .
*
ثواب   ۽    گناهه    ،  رڳو    آهي    منڊ  ،
ڳچيءَ   ۾   جنڊ   ، ازل   کان  آدمي لئه  .
*
ثواب   نالو   لالچ   جو  ،    گناهه    نالو    ڊپ  ،
سونگهيو   انهي  سَپ  ،  سدائين  سوچ  کي  .
*
ثواب   سُرور  من  جو  ،  گناهه  رڳو  ڊپ  ،
کج   نڪي  کپ   ،مونجهائي  نه  ماڻهپو  .
*
ثوابن  عيوض  بهشت   ، آهي  واپاري  سوچ  ،
بنان  لالچ   لوچ  ،  ته  مَرڪي پويئي  ماڻهپو  .
*

ثوابن   عيوض  بهشت   ، گهُرين  ويٺو  يار  ،
ڪر   نه    واپار   ،  ايڏو    تون    الله    سين  .
*
ثوابن   بدلي  بهشت  ، حُورون   ۽  غلمان   ،
وِجهه   نه    انُو مان  ،  ايڏا   تون   ايمان   ۾   .
*
ثواب  کٽ   سپرين  ،  ڪارڻ  غرض  خدا  ،
ڪڏهن  ڪر  نه  جدا  ،  الله   ۽  آدمي  کي  .
*
ثوابن   منجهه    سُرور  ،   ڏوهه    رڳو      ڏَر  ،
سو  ئي  آهي  ثمر  ،  اصل   انهي  ڳالهه جو   .
*
ثوابئون     سُرور   ،  ملي    ٿو     من       کي  ،
سو ئي  سو  “مشڪور” ،  اجر  آهي اصل  ۾  .
*


.پ .
پَلي   منجهه    پُلاهه   ، کاڌو    تِن     نه     وِسري  ،
ٿڌا   کڻن   ساهه   ،  سرتيون  سنڌوءَ ڪپ  تي  .
*
پَلي   منجهه   پُلاهه   ،  ڪڏهن  وِسري  ڪينڪي ،
ڏني     خاص     الله   ،  سوکڙي      سنڌوءَ      کي   .
*
پَلي  جي  پُلاهه  جي   ،  ڪهڙي   ڪريان  ڳالهه  ،
لذت     بي    مثال  ،   کاڌو     تن    نه      وِسري   .
*
پَلي     جي    پُلاهه    جي ،    لذت      لا ثاني  ،
گيهه   تريل  آنيءَ  ، جن  کاڌي سي  خاصا  ٿئا .
*
پلو   سيئيل   سوکڙي  ،   موڪليو    محبوب  ،
لذت   خاصي  خوب   ،  هئي  پرينءَ جي هٿ جي .
*

پلو   ناهي   مڏيءَ   تي  ،  نه  کِيرو   نه   آنيارو  ،
 سنڌوءَ   ۾  کارو  ،  پلٽي   سجاول  پُل  تائين  .
*
پلو   ناهي  مڏيءَ   تي،  نه  وڪامي   هاريءَ ،
سنڌوءَ   ۾   وارِي  ،  اڳ   نه   وُٺي   ڪڏهن .
*
پلو   اچي   شال !  ، وري   وڪامن   هاريون ،
سنڌوءَ  وهي  جال ،موٽي  مُرڪ  مڏين  جي  .
*
پلو   زندهه  پير  جي ،شال   ڪري  زيارت ،
پرور   تو   پارت   ،  آهي  جيجل   سنڌ  جي ،
*
پلي    ڀرجن    پُور   ،   وري   مَرڪن    مڏيون ،
مهاڻا   ٿي “مشڪور”  ڳائين  همرچا  هيج  مان  ،
*







  ،