.وائي .
حب مان حبيبن هاڻ ، ڳالهه ٻڌائي حقي حق جي .
سونهن جي پوڄا خوب ڪري وٺ ، ڪري سرت سڄاڻ ،
ساڃهه ڏني مو ن سڪ سبق جي .
ٿرن برن ۾ ڀٽڪين
ڇو ٿو ،
تنهنجو پرين توساڻ ،
پڪ ئي
آهي پرين جي پڪ جي .
ماپو کڻي تو ن ڇو پيو ماپين ، من
جو ناهي ڪوئي ماڻ ،
ڏوريءَ ڏاڍي نينهن
نازڪ جي .
هانوَ هاري ڇو و يٺو آهين
، توڪل جو تون ترهو تاڻ
،
پرواهه ڪر نه دهشت ڌڪ جي
.
پيرو ن پڪا هن هيل ته واهه جا ، کامي من جي کاڻ ،
جهولي ڀري ڏي مونکي مڪ جي .
“مشڪور” سچ جو ساٿي تو ن ٿي ، چاڙهي سو چ سِراڻ
،
ڪوڙ ته ذائقو
پاڙ اڪ جي
.
***
. وائي .
خود ۾ آهين خود خدا ، جاني ناهي توکان جدا ،
موڪرو پنهنجي من کي
ڪر تو ن .
تو ن ئي ٺاهين تو ن ئي ڊاهين ، تو ن
ئي من جي آهين مدعا ،
موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن .
تو ن ئي او ڍ
ين تو ن ئي پائين
، سو ين ڪرين سينگار سدا ،
موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن .
تو ن ڏاتار ۽ تو ن
ئي پنين ٿو ، تو ن ئي آهين شاهه
گدا ،
موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن .
تو ن ئي ڌڪار ين تو ن ئي چاهين ، تو ن ئي سو نهن تي پاڻ فدا
،
موڪرو پنهنجي من کي ڪر تون .
تو ن ئي“مشڪور” تو ن ئي عاشق ، تو ن ئي سونهن جو ناز و ادا
،
موڪرو پنهنجي من کي ڪر تو ن .
***
.ڪافي .
درد جي ديوان مان ، دستور نئون ڳولي اچو ،
چاهه کان وڌ ساهه
لئه نه سور ، ٻيو ڳولي اچو .
اي وفائون ساٿ ڏيو ، انياءُ سان نبري وٺو
ن .
يا سهڻ لئه هاڻ ڪو ، مهجور ٻيو ڳولي
اچو .
مو ن پکيڙي روشني آ، رات ڪاري جي
خلاف ،
ڪجهه اوندهه آهي باقي ، نُور ٻيو ڳولي اچو.
بدصورتي جا بت جا ٽوڙي ، سونهن
کي سجدا ڪيم.
مو ن
جهڙو ڪو ڪٿان ، منصور ٻيو ڳولي اچو .
قلم پيو اتهاس جو ، ڪردار جا ڪتبا لکي .
تار
يخ سنڌ کان مٿي ، مغرور ٻيو ڳولي اچو.
ڇڏيا لڪائي لڙڪ ٿم ، ساٿي متان مايوس ٿين
،
نه ته مو ن جهڙو ڪو ڪٿان ، منصور ٻيو ڳولي اچو.
اي
سڄڻ ڪا هاڻ مو ن سان ، ويساهه گهاتي نه ڪيو ،
يا وري اي
مئه ڪشو !، مخمور ٻيو ڳولي اچو .
اي
باوفا ۽ بي وفا ، ڪجهه هاڻي ويهي سوچيو ،
“مشڪور” کي جي ٿا ڌڪيو
، مشڪور ٻيو ڳولي اچو .
No comments:
Post a Comment