DAHAP JA DAS Lectures Radio Voice of Sindh
Lecture 01
Lecture 02
Lecture-3
Lecture-04
Lecture 05
Lecture 06
Lecture-07
Lecture 08
Lecture 09
lecture 10
Lecture 11
Lecture 12
Lecture 13
Lecture 14
Lecture 15
Lecture 16
Lecture 17
lecture-18
lecture-19
lecture-20
Lecture-21
Lecture-22
Lecture-23
Lecture-24
lecture-25
Mashkoor Phakaro Speeches different Programs
SPO ( HANDS) TMKHAN
G M SYED
SUFI SHAH INAYAT
SORIAH BADSHAH
پشاور سانحو
گيان ڇنداني
مخدوم بلاول ۽ سائين جي ايم سيد
ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائينس جو مهورت
_______________________________________________________________________________________
Sindho Harfi
.الف .
اول آخر الله ، خالق ساري خلق
جو ،
وجهي جنهن پساه ، مَرڪائيو مٽي کي
.
*
اول آخر الله ، ساڻي آهي سچ جو ،
مڃي هي صلاح ، پاسو
ڪجانءِ ڪوڙ کان.
*
اول آخر صلاح ،منهنجي تو کي مڱڻا ،
صدا در الله ،
هڻ ته
حاجت ماڻئين .
*
اول آخر آه ،
جيئڻ مرڻ سنڌ سان ،
پنهنجو آ پساه ، موهن جي مٽي ۾ .
*
اول آخر سنڌ ، پنهنجو اجهو
آسرو ،
متان ٻئي هنڌ ،
وڃڻ جي وائي ڪرين.
*
اول آخر هاڻ
،جيئڻ مرڻ سنڌ سان ،
پنهنجي آه سڃاڻ ،
موهن جي مٽي ۾ .
*
اول آخر ست . آهي سچ سنڌ جو ،
سدا وڃائي مت ، پير وِ ي پرڏيهه جي.
*
اول آخر
هٿ ، آهن پارس
ماڻهو لئه ،
بنان پورهئي ڪٿ ،
ڪڏهن ڪجي ڪينڪي.
*
اول آخر جيئن
، ڳنڍ يل آهن
پاڻ ۾ ،
تيئن توسان نينهن ، سدا رهندو ساهه تائين.
*
اول آخر “مشڪور” ، سدا ٿي
سنڌ جو ،
ته پو يئي چمڪي نُور ماڻهو جي ماڻهپي جو.
..ب.
بارود ۽ بم
کان ، آهي
سگهاري ڏات ،
سدائين حيات ،
مات ڏني آهي موت کي.
*
بارود ۽ بم ،
آهي چيڀاٽي ڏات
،
سدائين حيات ، ويري
آهي وجود جي ،
*
بارود ۽ بم
، ڏيندا ناهن
آجپو ،
عقل مت فهم ، ٽيئي سڙن جنگ ۾.
*
بارود ۽ ائٽم
سان ، ٿيندي مست ممات ،
ڇا لئه اڄ حيات ،
ويري
آهي وجود جي .
*
بارود ۽ ائٽم
کان ،سگهو آهي شعور
،
علم سندي نُو ر
، مَرڪايو ماڻهپي کي .
*
بارود ۽ بم مٿان ، ويٺو
آهي آدم ،
ڇو وڃائيو فهم ،
ماڻهو سندي ماڻهپي
.*
بارود ۽ بم
سان ، نه
ڌرتيءَ ڪر تباهه ،
انڌپ جي اونڌاهه
، وڃائيندئي وجود کي.
*
بم بندوقون بڻڇيون
، ائٽم ۽ تلوار
،
ڪر سڀيئي هٿيار ،
تابع سرت ۽ سوچ جي.
*
بم ٻڌي پيٽ سان ،
مارين پيو انسان ،
وڃائي ايمان ،
ڳالهيون ڪرين دين جون.
*
بم ٻڌي پيٽ
سان ، مارين
پنهنجو پاڻ ،
وڃائي سڃاڻ ،
ڳالهيون ڪرين دين جون .
*
.ٻ .
ٻاريو ڏيئا علم جا
، ٽٽي چُپ چپات ،
ماٺ جي ممات ،
تڙي ڪڍون ڏيهه مان.
*
ٻاريو ڏيئا علم
جا ، ڀڄايون اونداهه ،
جهل منجهائيو ساهه ، آهي
آدمي جو .
*
ٻاريو ڏيئا علم جا
،چمڪي پئي چانڊاڻ ،
ماٺ جو مانڊاڻ ، ٽٽي
ساري ڏيهه تان .
*
ٻاريو ڏيئا علم جا ،
اڀري پئي سج
،
ٻيائي جو ٻج ، ڪڏهن
ڦٽي ڪينڪي .
*
ٻاريو ڏيئا علم جا
، جرڪي پئي حيات ،
انساني عادات ،
نروار ٿئي نُور
سان .
*
ٻاريو ڏيئا علم جا
، سگهو
ٿئي ضمير ،
انساني خمير ،مَرڪِي
ماڻي ماڻهپو .
*
ٻاريو ڏيئا علم جا ، تڙيون جهالت ،
بدلجي ڪا حالت ،
پنهنجي سنڌي قوم جي
.
*
ٻاريو ڏيئا علم
جا ، سرڄي ڪا سا
ڃاهه ،
وڃي ٿِي واهه
واهه ، سنڌ لئه
سنسار ۾ .
*
ٻاريو ڏيئا علم
جا ، سگهو
ٿئي سچ ،
ڪوڙ ڪُپت ڪچ
،نڪري ساري سنڌ
مان .
*
ٻاريو ڏيئا علم
جا ، پيدا
ٿئي شعور ،
ماٺ جو “مشڪور“ ، ٽري
ڏولائو ڏيهه تان .
*
.
.ڀ.
ڀرم رکجانءِ ڀان ، موهن
جي مٽي جو ،
ڌرتي جو ايمان ،
اڃان آهي سنڌ
۾ .
*
ڀري ڀان وڄاءِ
، ڪڍ پنهنجو ڪينرو
،
سنڌوءَ جو سوداءِ
،جاڳي پوي ڏيهه
۾ .
*
ڀري وڄائي ڀان ،
ڪڍ پنهنجو ڪينرو ،
اندر جو انسان
، جاڳي پنهنجي سنڌ
۾ .
*
ڀري تند ڇِڪ ، ڪڍ
پنهنجو ڪينرو ،
ها ڻي ڪهڙي لِڪ
، سنڌوءَ ساهه
مُٺ ۾ .
*
ڀري ڀيرو ڳاءُ ،
ڪڍ پنهنجو
ڪينرو ،
ڌرتي پنهنجي ماءُ ،
سينگار يون سُرن سان .
*
ڀري ڳا ءِ ڀيرو
، اُ ٿي اسر
ويل جو ،
ساجهر سويرو ، صدا
هڻ سِر جِي .
*
ڀيرو اسر
ويل جو ، چار ڻ تون جهونگار ،
ته لاهي سِر
ڏاتار ، اچِي
تو ادا ڪري .
*
ڀيرو ڳاءِ ڀرم ،
رک پنهنجي ڏات جو
،
مهلائِتو مرهم ، مک
ته مانائِتو ٿئين .
*
ڀيرو راڳ صدا ،
اصل مڱڻهار جي ،
ڏِياچ سِر ادا ،
ڪندو اِنهي سُر
تي .
*
ڀري ڀيرو راڳ
، اُٿِي ڳا ءِ
اسر جو ،
سُتل ڪر سُجاڳ ، مهلائتا“مشڪور”
چئي .
*
.ت .
تڻڪي تند وڄاءِ
، جاڳن ڏياچ ڏيهه
جا ،
ٻيهر وري ڳاءِ
، ڀيرو سُر هن ڀُونءَ تي .
*
تڻڪي تندون ڇِڪ
،ڪڍي تون ڪماچ کي ،
ته وري سارا
هِڪ ، ٿين
ڏياچ ڏيهه جا
.
*
تندن تڻڪ ڏيئي
، سُرندي کي
سور تون ،
ته سورٺون سڀيئي
، گهورين ڏياچ
ڏيهه جا .
*
تڻڪي وڄاءِ تند
، ڪڍ تون
ڪُماچ کي .
مهڪي ڪا سڳند
، سچائي جي
سنڌ ۾ .
*
تڻڪ تندون ڪُماچ
جون ، متان سُر ٿئي جهانجهو ،
سنڌوءَ جر ڪانجهو
، ڪڏهن ٿيو
ڪينڪي .
*
تڻڪي تندون سور
، سُر وِکيڙ سنڌ ۾،
ته ٿئي سِرن
گھور ، مَهلائتئ مڱڻا
.
*
تڻڪي تند ڪماچ جي ، چارڻ !
چور چنگ ،
ڌرتيءَ سندا دنگ
، واپس وٺون
ويريين .
*
تڻڪ تند ڪُماچ
جي ، آهي
ماٺ ممات ،
ظاهر ڪر تون
ذات ، سمجهي
معنيٰ من جي
.
*
تڻڪ تند ڪُماچ
جي ، سُرن
ڪر سجود ،
زنده رک وجود
، تاريخ ۾ تون
مـڱڻا .
*
تڻڪي تند ڪُماچ
جي ، پکيڙج
تون نُور ،
سدائين
“مشڪور” ، جيئرو
رک وجود کي .
*
.ٿ .
ٿر ٿيندي سنڌڙي
، سُڪو جي
مِهراڻ ،
مون سان هاڻ
، ڳالهه نه ڪر
ڪنهن ڊئم جي .
*
ٿر ٿيندي سنڌڙي ، نه اڏجانءِ
ڪارو ڊئم ،
کيڏ نه سياسِي
گيم ،سنڌوءَ کي
سُڪائڻ لئه .
*
ٿر ٿيندي سنڌڙي
، نه اڏجانءِ ٻيو
ڪو ڊئم ،
اهڙي سياسي گيم ،
گهٽي ساهه سنڌوءَ جو
.
*
ٿر ڪر نه
سنڌڙي ، نه
ته ٿيندي رتوڇاڻ
،
وڏي جنگ جنگاڻ
، پنهنجي ٿيندي
پاڻي تي .
*
ٿر ڪر نه
سنڌڙي ، گهُٽ
نه سنڌوءَ ساهه ،
پاڻي منجهه پساهه ، آهي
سارِي سُونهن جو .
*
ٿر ڪرين ٿو
سنڌڙِي ، ڪارڻ ڪُرسيءَ
ڀاءَ ،
وڪڻين پيو ويساهه
، رڳو پنهنجي پيٽ
لئه .
*
ٿر ڪر نه
سنڌڙي ، سنڌوءَ
ڪر نه سوڪ ،
ٿيندو جهيڙو
جهوڪ ، پنهنجو
هاڻ پاڻي تي .
*
ٿر جهڙي سنڌ
، جي ڀانئين
نه ٿئي ،
آجي ڪر تون جند ، ڊئمن مان سنڌوءَ جي .
*
ٿر جهڙي سنڌ
، ڀانئين نه
ٿئي مُور ،
کڻي تون چنجُور
، سارا ڊئم ڊاهي ڇڏ .
*
ٿر جهڙي سنڌ ، شال ! نه ٿئي هاڻ ،
“مشڪور” چئي مهراڻ
، وهي سدا موج سان .
*
.ٽ .
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، جرڪيءَ
پئي جُوءَ ،
هر ڪو ڏسي
رُوءَ ، سچائي
۽ سونهن جي .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، جرڪيءَ
پئي رات ،
ماٺ جي ممات
، ٽري شال !
سنڌ مان .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، مِڙن
شال ! پتنگ ،
ڌرتيءَ سندا دنگ
، ڪريون آجا ويرين کان .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، تڙي
ڪڍون رات ،
ماٺ جي ممات
، زنگي پئي
ضمير کي .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، مچي
هر مِياڻي ،
سدا سنڌ راڻيءَ
، پائي وڳا
پَٽ جا .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، ڀونءَ جا
کُلن ڀاڳ ،
وري ماڻي ماڳ ، ماڻهو سندو ماڻهپو
.
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، جاڳيءَ
پئي ڪا جاڳ ،
لهي ڏُرت ڏُهاڳ
، مُرڪون موٽن
سنڌ جون .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، اچي سُرت
فهم ،
ويٺل مٿان بم
، آ ماڻهو
سندو ماڻهپو .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، ته
سنڌ ٿئي سونَ ،
ڪڏهن ٻُڌجي ڪونه
، ڏولائو هن
ڏيهه ۾ .
*
ٽمڪن ڏيئا ڏات
جا ، اچي
عِلم شعُور ،
موٽن شال ! “مشڪور”
، مُرڪون منهنجي سنڌ جون .
*
.ٺ .
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، گهڙي ڪئين
گهاٽ ،
ڪئي ٻڪر ٻُوساٽ
، سامراجين سنڌ
۾ .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، مُنجهائي ڪئين
ماڻهو ،
گهمايو پوءِ گهاڻو
، سامراجين سنڌ
۾ .
*
ٺلها ٺاهه
ٺڳيءَ جا ، ساڻ
نالي دين ،
ماريا ڪئين مسڪين
، سامراجين سنڌ ۾ .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، انڌپ
۽ اونداهه
،
گهٽيو سُرت ساهه
، سامراجين سنڌ
۾ .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ،
منهن ۾ مسلمان
،
اندر منجهه شيطان
، پنجُوءَ پنهنجي
پيٽ لئه .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، وڪڻي
پيو ايمان ،
ڪيڏو آ حيوان
، پنجُوءَ پنهنجي
پيٽ لئه .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، کڻي
پيو قرآن ،
اندر ۾ نه
انسان ، پنجُوءَ پنهجي
پيٽ لئه .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، نڪو
پيء نه ماءُ
،
ڪنهنجو ڪونهي ڀاءَ ،
پنجُوءَ پنهنجي پيٽ لئه .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، واپاري
خمير ،
وڪڻي پيو ضمير ، پنجُوءَ پنهنجي
پيٽ لئه .
*
ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ
جا ، شيطاني شعور
،
رڳو آهي “مشڪور”
، پنجُوءَ پنهنجي
پيٽ لئه .
*
. ث .
ثواب ۽ گناهه ،
منجهائيو ماڻهپو
،
مُٺ ۾ آهي
ساهه ، ازل
کان آدمي جو .
*
ثواب ۽ گناهه
، رڳو آهي
منڊ ،
ڳچيءَ ۾ جنڊ
، ازل کان آدمي لئه
.
*
ثواب نالو لالچ جو
، گناهه نالو ڊپ ،
سونگهيو انهي سَپ ،
سدائين سوچ کي .
*
ثواب سُرور من
جو ، گناهه
رڳو ڊپ ،
کج نڪي کپ
،مونجهائي نه ماڻهپو
.
*
ثوابن عيوض بهشت
، آهي واپاري سوچ ،
بنان لالچ لوچ
، ته مَرڪي پويئي
ماڻهپو .
*
ثوابن عيوض بهشت
، گهُرين ويٺو يار ،
ڪر نه واپار
، ايڏو تون
الله سين .
*
ثوابن بدلي بهشت ،
حُورون ۽ غلمان
،
وِجهه نه انُو مان
، ايڏا تون
ايمان ۾ .
*
ثواب کٽ سپرين
، ڪارڻ غرض
خدا ،
ڪڏهن ڪر نه
جدا ، الله
۽ آدمي کي .
*
ثوابن منجهه سُرور
، ڏوهه رڳو
ڏَر ،
سو ئي آهي
ثمر ، اصل
انهي ڳالهه جو .
*
ثوابئون سُرور ،
ملي ٿو من کي
،
سو ئي سو “مشڪور” ،
اجر آهي اصل ۾ .
*
.پ .
پَلي منجهه پُلاهه
، کاڌو تِن نه
وِسري ،
ٿڌا کڻن ساهه
، سرتيون سنڌوءَ ڪپ
تي .
*
پَلي منجهه پُلاهه
، ڪڏهن وِسري
ڪينڪي ،
ڏني خاص الله
، سوکڙي سنڌوءَ کي
.
*
پَلي جي پُلاهه
جي ، ڪهڙي
ڪريان ڳالهه ،
لذت بي مثال ، کاڌو تن نه
وِسري .
*
پَلي جي پُلاهه
جي ، لذت لا
ثاني ،
گيهه تريل آنيءَ
، جن کاڌي سي خاصا
ٿئا .
*
پلو سيئيل سوکڙي
، موڪليو محبوب
،
لذت خاصي خوب
، هئي پرينءَ جي هٿ جي .
*
پلو ناهي مڏيءَ
تي ، نه
کِيرو نه آنيارو
،
سنڌوءَ ۾ کارو
، پلٽي سجاول
پُل تائين .
*
پلو ناهي مڏيءَ
تي، نه وڪامي
هاريءَ ،
سنڌوءَ ۾ وارِي ، اڳ نه وُٺي ڪڏهن .
*
پلو اچي شال !
، وري وڪامن هاريون
،
سنڌوءَ وهي جال ،موٽي
مُرڪ مڏين جي .
*
پلو زندهه پير جي
،شال ڪري زيارت ،
پرور تو پارت
، آهي جيجل
سنڌ جي ،
*
پلي ڀرجن پُور ،
وري
مَرڪن مڏيون ،
مهاڻا ٿي “مشڪور” ڳائين
همرچا هيج مان ،
*
،